تپيدارن جو ديرو

تپيدارن جو ديرو

تپيدارن جو ديرو

تپيدارن جو ديرو (ماڳ): هيءُ انگريز دور جي يادگار عمارت خيرپور ۾ واقع آهي. هي عمارت خاص طور تپيدارن جي قيام لاءِ جوڙائي وئي، جيڪا وڏي عرصي تائين استعمال هيٺ رهي. تعلقي خيرپور جي تپيدارن جون هر قسم جون سرگرميون هن عمارت ۾ ٿينديون هيون. عمارت انگريز دور جي تعميراتي طرز جو اعلى مثال آهي. عمارت جي بيهڪ انگريزيءَ جي ‘L’ موجب آهي، جنهن ۾ پڪيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. ڪشادو کليل اڱڻ اٿس، جنهن ۾ سرينهن ۽ نم جا وڻ بيٺل آهن. مهاڙيءَ ۾ اٺ ونگن وارا لنگهه اٿس، جن مان ٽن درن کي سرون هڻي بند ڪيو ويو آهي. عمارت جي پيڙهه کان ڇت تائين هڪ ئي نموني جي اوساري ڪيل آهي. البته درن ۽ درين مٿان جنسار لاءِ سرن جي وٽ هنئي وئي اٿس. مهاڙي ۾ ٻنهي طرفن کان ڪنڊن تي چوڪنڊا، ٿلها ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي وڃي ٻيڙ ٻني تي ٿنڀڙيون ٺاهين ٿا. عمارت کي اندر چار کان پنج ڪمرا ۽ ورانڊو آهي. ڪمرن کي هوادار رکڻ لاءِ روشندان ۽ منگهه ڇڏيل آهن، جن کي ٻاهرين طرف کان ڇڄا پڻ ڏنل آهن. عمارت جي ڇت ٽيئرن تي بيٺل آهي، جنهن ۾ چوڪنڊيون گل واريون سرون هنيون ويون آهن. ڪمرن ۽ ورانڊي جي ڇت جو نمونو ساڳيو آهي. ورانڊي جي حصي کان ڪمرن وارو حصو اوچو تعمير ڪيل آهي. ڇت تي مٿان ٻيڙٻنو ۽ ان ۾ پاڻيءَ جي نڪاسيءَ لاءِ نيسارا نصب ڪيل آهن. عمارت ۾ اندر ان وقت جا ٻه باهه وسائڻ وارا اوزار پڻ نصب ڪيل آهن. تپيدان جي ديري واري مرڪزي عمارت جي ڪنڊ ۾ ننڍڙي مسجد به تعمير ڪيل آهي، جيڪا پڻ ان وقت جي تعمير ڪيل ڀائنجي ٿي.


لفظ تپيدارن جو ديروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو